اسلام آباد ??? 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحول شناس هجڻ جي ناطي منهنجي لاءِ اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ايندڙ نسلن جي لاءِ ورثي ۾ سرسبز ۽ شاداب پاڪستان ڇڏيو وڃي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بلوڪي، ??نجاب ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي مهم (#10 Billion Tree Tsunami) تحت مافيا کان آزاد ڪرايل زمين تي وڻڪاري جي هڪ سال کانپوءِ و??ي تبديلي نمايان آهي. وزيراعظم بلوڪي ۾ آزاد ڪرايل زمين جي وڻڪاري کان اڳ ۽ هڪ سال کانپوءِ جي تصوير پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ واضح فرق ڏسي سگهجي ٿو ۽ اتي وڻڪاري جي نتيجي ۾ هاڻي مڪمل سرسبز آهي.