اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي لاءِ مراعتن ۽ سهولتن جو اعلان ڪندي نئين پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ لاءِ 30 ارب روپين جي سبس??ي مختص ڪري ڇڏي آهي، پهرين هڪ لک گهرن جي تعمير تي في گهر 3 لک روپيا سبسڊي ڏني ويندي، قرض جي صورت ۾ مارڪ اپ جي شرح پنج مرلي جي گهر جي لاءِ 5 سيڪڙو ۽ 10 مرلي جي گهرن جي لاءِ 7 سيڪڙو هوندي، اين او سي ۽ ٻين سهولتن جي لاءِ صوبن سان گڏجي ون ونڊو آپريشن جو آغاز ڪيو ويو آهي، سستن گهرن جي تعمير تي ٽيڪس?? ۾ ??هٽتائي ڪئي وئي آهي، گهر جي خريداري تي آمدني جا ذريعا نه پڇيا ويندا، سمورا ماڻهو 31 ڊسمبر تائين حاصل سهولتن مان هر ممڪن فائدو کڻن، هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي کي ترقي ڏيڻ سان ملڪي معيشت کي استحڪام ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ترق?? بابت قومي رابطا ڪميٽي جي پهرين اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي جي راهه ۾ ر??او??ون ۽ مشڪلاتون هيون جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قومي رابطا ڪميٽي جوڙي وئي. هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف رخ?? ۾ ??م ڪيو پيو وڃي، گهرن جي لاءِ قرضن جي سهولت بابت قانون نه هو جنهن تي ڪم جاري آهي، صوبن سان گڏجي تعميرات جي صف بابت ر??او??ن کي ختم ڪيو ويندو، هن چيو ته هائوسنگ ۽ تعمرات جي شعبي جي ترقي سان جتي عام ماڻهن کي پنهنجو گهر بڻائڻ جي سهولت حاصل ٿيندي، اتي روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ تعميراتي صنعتن جو ڦيٿو هلڻ سان ملڪي معيشت کي به استحڪام ملندو.