اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي اليڪشن ڪميشن کي سمورن شعبن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ ووٽ وجهڻ جي عمل ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ووٽ وجهڻ، بايوميٽرڪ تصديق ۽ ملڪ ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ نظام بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير محمد اعظم خان سواتي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري سيڪريٽري شعيب احمد صديقي، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ڊا??ٽر اختر نذّير ۽ صدر جي سيڪريٽري ??ار?? نجيب نجمي ش??ڪت ڪئي. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اختر نذير بريفنگ ڏني.