اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ سمورن صوبن جي مشاورت ??ان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ان حوالي ??ان پارليامينٽ ميمبرن جي تجويزن جي آجيان ??نداسين ۽ قومي معاملن تي انهن ??ان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، قومي رابطا ڪميٽي ۾ سمورا فيصلا مشاورت ??ان ڪيا وڃن ٿا، ڪورونا وبا جي ڪري والاريل ڪشمير جي صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي وئي آهي، عالمي برادري ۽ او ??ءِ سي کي ان حوالي ??ان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال تي پاليسي بيان ??يندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هي هڪ غيرمتوقع صورتحال آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪورونا وبا جو بحران سڀ کان وڏو آهي.