اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??اص مدگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي گڏيل لاڳاپن کي تعاون کي وڌائي علمي معلوماتي ۽ صحافتي مٽاسٽا کي به فر??غ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هو يو اي ??ي جي تعاو?? سان نيشنل لائبريري اسلام آباد ۾ قائم ڪيل بڪ پويلين جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهي هئي، يو اي ??ي جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النيهان جي نيشنل لائبريري اسلام آباد آمد تي وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ منشيات جي خاتمي واري مملڪتي وزير شهريار آفريدي سندس استقبال ڪيو، مهمان شخصيت سان گڏ يو اي ??ي جي تعاو?? سان نيشنل لائبريري اسلام آباد ۾ بڪ پويلين جو افتتاح ڪيو ويو.