اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلا??ات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان محمد نواز شريف جي صحت جي حوالي سان پل پل باخبر آهي، حڪومت ڪنهن بيمار جي بيماري تي سياست نٿي ڪرڻ چاهي، سياست ڪرڻ جي لاءِ ٻيا ڪ??ترائي موضوع آهن، هو جمعي ڏينهن واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سان گڏ پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهئي هئي، وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران ??ان نواز شريف جي صحت بابت مسلسل اپ ڊيٽ وٺي رهيو آهي، وزيراعظم ئي ميان نواز شريف جي صحت بابت معلومات لاءِ ڊاڪٽر فيصل کي موڪليو آهي.