اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ ڊگهي امن جي قيام لاءِ اجتماعيت رکندڙ سياسي تصفيي جو حامي آهي، ڪابل ۾ جاري ڳ??لهين جي ڪاميابي، افغانستان ۾ ڊگهي امن لاءِ ناگزير آهي، افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ افغانين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن بابت سربراهه جوزف بوريل سان ٽيليفون تي ڳ??لهائيندي ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران افغانستان جي ??دلجندڙ صورتحال ۽ علائقائي امن امان جي ??والي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي ??ربراهه کي ٻڌايو ته ان جي ??رمني، هالينڊ، بيلجيئم ۽ ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزيرن سان افعانستان جي ??ورتحال تي ڳ??لهه ٻولهه ٿي ۽ ان کي خوشي آهي ته افغانستان جي ??والي سان اسان جي نقطئه نظر ۾ هم آهنگي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته افغان شهرين جي ??ان ۽ مال ۽ انهن جي ??قن ??ي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. موجوده قيادت طرفان منظر عام تي ايندڙ تازه بيان حوصله افزا آهن. هن چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳ??لهين جي ڪاميابي افعانستان ۾ ڊگهي امن لاءِ ناگزير آهي. افغانستان ۾ امن جو قيام نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي ??ي امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو ۽ ضرورت ان ڳالهه جي ??هي ته 90ع جي ڏهاڪي جي ??ورتحال کان بچڻ لاءِ افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن نازڪ موڙ تي افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ افعانين جي معاشي معاونت لاءِ عالمي برادري کي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي م ڀرپور معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ يورپي يونين کي به هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ يورپي يونين سان ڪثير الجهتي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.