اسلام آباد ??? 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي اندر امن پاڪستان جي لاءِ تمام اهم آهي، اسان افغانستان ۾ هڪ مس??حڪ?? حڪومت ڏسڻ چاهيون ٿا، آمريڪا ۽ چين دنيا جون ٻه وڏيون اقتصادي طاقتون آهن، ان??ن جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر هوندا ته پوري دنيا ۾ بهتري ايندي، وزيراعظم آمريڪا، چين ۽ افغانستان جي معاملن تي پنهنجو موقف واضح ڪيو، افغانستان جي حوالي سان پنهنجي سرزمين ڪنهن کي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، طالبان کي اڳ ۾ آمريڪا ۽ پوءِ افغان عملدارن سان ڳالهين تي راضي ڪيو، چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پاڪ – آمريڪا لاڳاپن خاص طور تي افعانستان جي صورتحال جي حوالي سان ڳال??ائ??ندي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان نيويارڪ ٽائيم کي پنهنجي ان??رويو ۾ آمريڪا، چين ۽ افغانستان جي معاملن تي پنهنجو موقف واضح طور تي دنيا آڏو رکيو آهي. پنهنجي ان??رويو ۾ وزيراعظم آمريڪا سان لاڳاپن جو هڪ نئون رخ بيان ڪيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ آمريڪا سان لاڳاپن کي سيڪيورٽي جي ڏس ۾ ڏٺو ويندو هو، وزيراعظم آمريڪا سان سيڪيورٽي لاڳاپن بدران اقتصادي لاڳاپن تي زور ڏنو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم نيويارڪ ٽائيمز کي ان??رويو ۾ ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري جي پڻ اميد ظاهر ڪئي آهي. جيڪڏهن مستقبل ۾ ڀارت سان اسان جا لاڳاپا ٺيڪ ٿين ٿا ته ڀارت ۽ چين ٻن وڏين منڊين جي وچ ۾ پاڪستان کي جاگرافيائي لحاظ کان اهم مقام حاصل هوندو، اهڙي طرح دنيا بشمول آمريڪا پاڪستان کي نظرانداز نه ڪري سگهندي.