اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) چين جي صدر ش?? جن پنگ ماحوليا?? جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي ڪامياب ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪندي ماحوليا?? جي شعبي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي. ماحوليا?? جي عالمي ڏهاڙي جي تقريب ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير صدر ش?? جن پنگ جو پيغام پڙهي ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان، پارليامينٽ جا ميمبر، غير ملڪي سفارتڪار، ماحوليات جا ماهر ۽ ٻيا اعليٰ عملدا?? به ان موقعي تي موجود هئا. چيني صدر ماحوليا?? جي عالمي ڏهاڙي جي پاڪستان جي ميزباني ۾ ڪامياب انعقاد ۽ گڏيل قومن جي ڏهاڪي ايڪو سسٽم 2021ع کان 2030ع جي آغاز کي سارهيو. هن چيو ته تهذيبن جي خوشحالي لاءِ قدرتي ماحول سان گڏ پائيدار تعلق هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان عالمي برادري کي ذميداراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.