نوشهره – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فوڊ سيڪيورٽي، ??ڌندڙ آبادي، روزگار جي فراهمي، ??وسيماتي تبديلي، آلودگي ۽ پرڏيهي ناڻي جي گهٽتائي کي ملڪ جي لاءِ وڏا چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان ڪڻڪ ۽ کنڊ درآمد ڪر رهيو آهي، زيتون جي پوکي مان پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ روزگار جا م??قع?? ملندا، پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي، سڄي ملڪ ۾ ميويدار وڻن جي پوکي لاءِ علائقا مختص ڪيا ويندا، وڌندڙ آبادي لاءِ فوڊ سيڪيورٽي حڪومت ??ي ذميداري آهي، ??وجوانن ۽ شاگردن کي بلين ٽري سونامي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي، ??اڪستان ۾ جيڪڏهن ا??ان زيتون جي پوکي تي ڌيان ڏيون ته اسپين جي مقابلي جي مقابلي ۾ وڌيڪ کاڄرو تيل برآمد ڪري سگهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن زيتون جي وڻڪاري مهم جي آغاز تي ت??ري?? کي خطاب ڪندي ڪيو.