اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته احساس ڪفالت ??رو??رام تحت فيبروري کان خصوصي ٻارن جي والدين کي مدد فراهم ڪئي ويندي، خصوصي ٻارن جي انفرادي ضرورتن موجب ووڪيشنل ٽريننگ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي فائونڊيشن جي دوري جي موقعي تي ڪيو. بيگم ثمينه عارف علوي کي جسماني ۽ ذهني طور تي معذور ٻارن جي بح??لي جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته خصوصي ٻارن جي انهن جي انفرادي ضرورتن موجب تعليم ۽ تربيت ۽ ٿراپي ڪئي ويندي، ان موقعي تي ڳالهائيندي بيگم ثيمنه علوي چيو ته احساس ڪفالت ??رو??رام تحت فيبروري کان خصوصي ٻارن جي والدين جي مدد فراهم ڪئي ويندي.