اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان ۽ مصر جا گڏيل لاڳاپا مذهب، اخوت، ثقافت ۽ تاريخ ??ي مضبوط بنيادن تي ٻڌل آهن، پاڪستان پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ جي ذريعي ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي اسلامي ڀائر مل??ن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ٻنهي مل??ن جي پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ا??ڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ مقرر مصر جي سفير طارق محمود دهروگ سان ڳالهائيندي ڪيو جن??ن هتي ساڻس ملاقات ڪئي.