اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيليفون تي ڪورونا وائرس (ڪوويڊ 19) بابت چئلينجن، عالمي معيشت تي ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پارا?? جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن علائقائي معاملن ۽ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان آمري??ا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري وڏي پئماني تي جاني نقصان تي آمريڪي صدر سان همدردي ۽ تعزيت جو اظه??ر ڪيو.