اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان جي صدارت ۾ مهانگائي، ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن ٿيو جنهن ۾ صوبن وز??را??ظم کي ضروري ش??ن جي دستيابي بابت بريفنگ ڏني، وز??را??ظم عمران خان صوبائي حڪومتن کي ملاوٽ ڪندڙ عنصرن جي خلاف فوري ڪارروائي، فوري طور تي پرائس مانيٽرنگ، نيشنل ڊيمانڊ اينڊ سپلاءِ سيل ۽ بلوچستان ۾ فوڊ ٽيسٽنگ ليبارٽري قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وز??را??ظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پارليامينٽ هائوس ٻا??ران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وز??را??ظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مهانگائي، ملاوٽ ڪندڙن ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو ورتو ويو.