اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??فاقي سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي آه?? ته بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس)، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پنهنجون توانايون ۽ تجربو استعمال ۾ آڻين، سياسي قيادت ۽ بيوروڪريسي کي ملڪ ??ي مستقبل جو تعين ڪرڻو آهي ان جي لاءِ نئين سوچ ۽ بهتر طرز حڪومت (گڊ گورننس) جي ضرورت آهي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم عمران خان تازو ئي ترقي ماڻيندڙ وفاقي سيڪريٽرين ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان ترقي ماڻيندڙ آفيسرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انهن جي ترقي سندن ڪارڪردگي ۽ نج ميرٽ کي نظر ۾ رکي ڪئي وئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئ?? ته ترقي ماڻيندڙ آفيسر پنهنجون ذميواريون انتهائي فرض شناسي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي ڀرپور جذبي تحت ادا ڪندا.