اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ??زيراعظم عمران خان سدائين قانون ۽ آئين جي بالادستي ۽ ادارن جي مضبوطي جو عزم ورجايو، ايمرجنسي ۽ زندگي کي درپيش خطرن جي سڃاڻپ صحت جي ماه??ن کي ڪرڻي آهي، محمد نواز ش??يف جي صحت جي حوالي سان عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي حڪومت ان تي جيئن جو تئين عمل ڪندي، ڪو به فيصلو ڪنهن شخصيت جي خواهشن جي تابع نه ٿيندو، گذريل 72 سالن دوران ادا??ن کي ڪمزور ۽ تابع رکيو ويو، نواز ش??يف جي پليٽ ليٽس 20 هزار تائين اچي ويندا، هر ايندڙ ڏينهن ان ۾ بهتري ايندي، صحت مند نواز ش??يف ئي اسان سڀني جي لاءِ اهم آهي، هاڻي مسلم ليگ (ن) نواز ش??يف جي بيماري جي آڙ ۾ حڪومت تي تنقيد بدران ڪو ٻيو ذريعو ڳ??لي?? هو بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي سان گڏ پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.