استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه سياحت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعا??ن وڌائڻ خاص طور تي ??اڪستان جي سامونڊي علائقن، سنڌ، پنجاب ۽ اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ ۽ گڏيل منصوبن، سياحت جي ل??ءِ سامونڊي جهاز ۽ ٻيڙ??ون هلائڻ جي امڪانن جي تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف کي ترڪيه جي واپار واري وزير ڊاڪٽر محمد موس سياحت جي شعبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ جي ل??ءِ سامونڊي سفر پڻ ڪرايو ويو. وزيراعظم شهباز شريف کي ترڪيه جي وزير پنهنجي حڪومت جي سياحت بابت پاليسي تي بريف ڪيو. پاڪستاني سيڙپڪارن جي ل??ءِ ترڪيه ۾ بزنس جي موقعن کان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ترڪيه جي سياحت جي شعبي سان لاڳاپيل ڪمپنين جا سربراهه پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ??اڪستان ۽ ترڪيه ۾ سياحت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعا??ن وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان جي سامنڊي علائقن، سنڌ، پنجاب ۽ اترين علائقن ۾ سياحت جي فروغ ۽ گڏيل منصوبن جي امڪانن تي ??ڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سياحت جي ل??ءِ سامونڊي ۽ ٻيڙ??ون هلائڻ جي امڪانن جي تجويزن تي ??ڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.