اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ??ه ڪشميري اڪيلا نه آه??، هر پاڪستاني انهن سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو سفير هجڻ جي حيثيت سان ڪيس وڙهي ??هيو آهي، آئون اڄ ڪشميرين سان واعدو ڪريان ٿو ته جيستائين انهن جي قيادت جيلن ۾ آهي ??ئون انهن جي وڪالت ڪندس. استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان خصوصي وڊيو پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اڄ آئون هڪ ڀيرو ٻيهر آزاد ڪشمير ۽ والاريل ڪشمير سان تعلق رکندڙ سمورن ڪشميرين کي باور ڪرائڻ چاهيان ٿو ته توهان اڪيلا نه آه??و، هر پاڪستاني توهان سان گڏ بيٺل آهي ??سان کي توهان جي تڪليفن جو احساس آهي، والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جون خلاف ورزيون ۽ معصوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن کان دنيا بي خبر نه آهي، اڄ دنيا آڏو هندستان جو اصلي چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جي سفير هجڻ جي حيثيت سان ڪيس وڙهي ??هيو آهي، آئون اڄ ڪشميرين سان واعدو ڪريان ٿو ته جيستائين انهن جي قيادت جيلن ۾ آهي ??ئون انهن جي وڪالت ڪندس.