اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) افغانستان جي صدر اشرف غني وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم عمران خان به افغان صدر کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هن سال عيدالاضحيٰ اهڙي وقت ۾ ??ئي جڏهن عالمي برادري ڪوويڊ 19 سميت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي. هن افغانستان ۾ ڪورونا جي ڪري انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪورونا وبا تي ڪاميابي سان ضابطو آندو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??وجب وزيراعظم عمران خان افغان صدر کي پاڪستان ۾ ڪورونا جي خلاف حڪومت جي حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ ماڻهن جي جانين کي بچائڻ، معاش?? ذريعن جي تحفظ ۽ معيشت کي متحرڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ??يو آهي. ٻنهي اڳواڻن افغان امن عمل جي نئين مرحلي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان امن عمل ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته افغانسدتان ۾ امن وڏي اهميت رکندڙ آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته امن عمل جي موجوده رفتار کي آمريڪا طالبان امن معاهدي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ وڌائڻو پوندو، جنهن سان بين الافغان ڳالهيون جلد شروع ٿيڻ جي راهه هموار ٿي سگهندي.