لاهور – 30 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي گورنر چ??ڌر?? محمد س??ور سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي ۽ حڪو??تي معاملن سميت ٻين ايشوز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پنجاب جي گورنر حڪو??تي قدمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي سينيٽر شبلي فراز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪو??تي قدمن ۽ ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ حالتن سميت ٻين ايشوز بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران پنجاب جي گورنر چ??ڌر?? محمد س??ور حڪو??تي قدمن کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير شبلي فراز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت نه رڳو پاڪستان کي معاشي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياري رهي آهي پر عوام کي به هر شعبي ۾ وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته احساس پروگرام جهڙا منصوبا حڪومت جي عوام دوستي جو واضح ثبوت آهي.