اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارا ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ايس او پيز عملدرآمد تي ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي، سخت انتظامي قدم ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شروع ڪيا پيا وڃن جنهن جو مقصد حفاظتي تدبيرن جي خلاف ورزي تي سخت ڪارروائي ڪر??ي آهي ته جيئن مارڪيٽس، ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبن ۾ ڪورونا جي پ??يڙ کي روڪي سگهجي، انهن شعبن ۾ ڪورونا جي پ??يڙ جو خدشو سڀ کان ??ڌي?? آهي، سمورن صوبن ۾ عوام کي اهو واضح پيغام پهچايو وڃي ته حڪومت سماجي فاصلن ۽ حفاظتي تدبيرن جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف انتظامي ڪارروايون شروع ڪر?? وڃي رهي آهي. نيشنل ڪمانڊ اي??ڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ان جو ??ڌي?? چوڻ هو ته قومي رابطا ڪميٽي ميٽنگ جي منٽس ۾ ان ڳالهه جي تصحيح ڪئي وئي ته رضاڪاراڻي طور تي حفاظتي قدمن تي عملدرآمد ۽ خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت قدمن کي يقيني بڻايو ويندو، ان ڏس ۾ اي?? سي سي جي سمورن صوبن کي ڀرپور حمايت حاصل آهي، واپارين کي ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪر??و پوندو ۽ عملدرآمد نه ڪندڙن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.