اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اداره جاتي ??ڌارا ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي ممڪن رليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظه??ر هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ??يو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظم جي واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي اداره جاتي ??ڌارن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ معيشت جي صورتحال جو جائزو پيش ڪيو.