گلگت بلتستان – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ سياسي بيروزگار گڏ ٿيا آهن، اهي جيترا ڏينهن چاهين احتجاج ڪن، کاڌو ختم ٿيڻ تي کين فراهم ڪيو ويندو، حڪومت ته ننڍڙي شيءَ آهي آئون هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آه??ان پر انهن کي نه ڇڏيندس، جيستائين ??رپشن ڪندڙ جيل ۾ نه ويندا ۽ عوام آڏو مثال نه بڻجندا تيستائين ??رپشن جو خاتمو نه ٿي??دو، غربت جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي ڪارڪنن کي پتو ئي نه آهي ته اهي ان احتجاج ۾ ڇو شريڪ آه??، آئون الله سان واعدو ڪري آيو آه??ان ته انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس. گلگت بلتستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن ٿي??دي آهي ته ادارا تباهه ٿي ويندا آهن ۽ ملڪ جي تباهي جي ذميدار ڪرپشن هوندي آهي.