اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزر سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ لاءِ گڏيل قومن جي آبادي (يو اين ايف پي اي) بابت فنڊ جي علائقائي ڊائريڪٽر پيو اسمٿ ڪالهه ملاقات ڪئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۽ يو اين ايف پي اي وچ ۾ صنفي مساوات، ٻار ۽ ماءُ جي صحت، خانداني منصوبابندي ۽ نوجوانن کي هٿي ڏيڻ جهڙن اهم سماجي ترقياتي معاملن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هو ته جيئن پاڪستان جي آبادي جي ??سئلن کي علائقائي ۽ عالمي سطح تي اثرائتي انداز ۾ حل ڪري سگهجي. انساني حقن واري وزارت مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي سماجي ۽ انساني حقن جي عالمي معيار جي ??اسداري جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته جٽادار ترقي جي ??دفن تحت صنفي فرق ۽ سماجي ترقي جي ??سئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملين کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ان مقصد تحت انساني حقن واري وزارت، مقامي ۽ عالمي ??ائ??وارن جي سهڪار سان صنفي بنياد تي تشدد (جي بي وي) جي خات??ي لاءِ مردن ۽ ڇوڪرن کي به مددگار بڻائي رهي آهي. يو اين ايف پي اي ۽ پاڪستان اين جي اوز جي ??ائ??واري سان تيار ڪيل ”نيشنل اسٽريٽجي ??ار ميل انوالوومينٽ ان ايڊريسنگ جي بي وي“ معاشرتي روايتي تصورن کي چئلينج ڪرڻ ۽ تشدد جي روڪٿام ۾ مردن جي ذميداري کي هٿي ڏيڻ جو هدف رکي ٿي. وفاقي وزير ٻين گڏيل قومن جي ايجنسين سان جاري ??ائ??واري تي به روشني وڌي جيڪا صنفي مساوات ۽ انساني حقن کي هٿي ڏي?? ۾ ??ددگار آهي، جن ۾ يو اين وومن، يونيسيف ۽ يو اين ڊي پي جا گڏيل منصوبا شامل آهن. انهن ??ائ??وارن جو مقصد اهڙا اثر پيدا ڪرڻ آهي جيڪي خاص طور تي انهن علائقن ۾ پيش ايندڙ چئلينجن کي مُنهن ڏئي سگهن جتي ثقافتي ر??او??ون ۽ محدود وسيلا صنفي مساوات کي هٿي ڏيڻ ۾ رنڊڪ بڻجن ٿا. اها ملاقات پاڪستان ۽ يو اين ايف پي اي وچ ۾ هڪ گڏيل ويزن جي ??مائمندگي ڪري ٿي جنهن جو مقصد هڪ وڌيڪ مساوي ۽ شموليتي معاشري جو قيام آهي.