اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي منفرد صلاحيتون رکندڙ ٻارن کي جامع تعليم ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ٻارن کي عام اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ استادن کي ت??بيت ڏني وڃي، منفرد صلاحيتن وارن ٻارن کي معياري ت??ليم فراهم ڪرڻ لازمي آهي. هو منفرد صلاحيتن وارن ٻارن جي ت??ليم بابت ماهرن ??ان ملاقات ڪري رهي هئي. خاتون اول خصوصي ٻارن جي ت??ليم جي آمريڪا ۾ رهندڙ ماهر ڊاڪٽر فوزيه خان سان ملاقات ڪئي. خاتون اول عالمي صحت واري اداري، نجي ت??ليمي ادارن جي ريگيوليٽري اٿارٽي ۽ اسپيشل ايجوڪيشن ڊائريڪٽوريٽ جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪئي. خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ته منفرد صلاحيتون رکندڙ ٻارن طرف امتيازي سلوڪ جو خاتمو ڪرڻو پوندو، بيگم ثمينه علوي پاڪستان ۾ ماسٽر ٽرينرز کي خصوصي ۽ جامع تعليم جي حوالي سان آن لائين تربيت ڏيڻ ۾ آمريڪي ت??ليمي ماهر جي دلچسپي کي ساراهيو. هن چيو ته عالمي معيار جي خصوصي ت??ليم جي ت??بيت سان پاڪستاني استاد فائدو کڻن، خصوصي ٻارن کي نجي ۽ سرڪاري ادارن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ استادن جي نشاندهي ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ خصوصي ۽ جامع تعليم جي لاءِ هيستائين ڪيل قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اسلام آباد ۾ جامع ڪلاس روم ۾ خصوصي ٻارن کي پڙهائڻ جي لاءِ قدمن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن خصوصي ٻارن جي ت??ليم جي لاءِ استادن جي ت??بيت جي شروعات پرائمري سطح کان ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.