اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ جاري سمورين ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن اها هدايت انفارميشن ٽيڪنالاجي وا??ي وفاق?? وزير سيد امين الحق، قانون وا??ي وفاق?? وزير ڊاڪٽر فروغ ن??يم ۽ سامونڊي معاملن وا??ي وفاق?? وزير سيد علي حيدر زيدي سان ڳالهائيندي ڏني جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي ۾ جاري مختلف ترقياتي اسڪيمن سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وا??ي وزارت جي ڪارڪردگي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ جاري سمورين ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.