اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظر??ام تي اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪري رهي آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ مريم صفدر جي آڊيو بابت جاچ مڪمل ٿي ويندي، 2008ع کان هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ پيش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊن?? ڪميٽي جي ا??لاس کي بريفنگ جي دوران ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊن?? ڪميٽي جو اجلاس سومر تي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ن ليگ ??ي حڪومتي دور ۾ ميڊيا چئنلز کي ا??تهار ڏيڻ جو معاملو غور هيٺ آيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب سينيٽ جي ا??ٽينڊن?? ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته مريم صفدر جي مبينه آڊيو منظر??ام تي اچڻ کانپوءِ اطلاعات واري وزارت معاملي جي انڪوائري ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ مريم صفدر جي آڊيو بابت تحقيقات مڪمل ٿي ويندي، 2008ع کان هن وقت تائين اشتهارن جي تفصيلن تي رپورٽ ڪميٽي ۾ پيش ڪنداسين، فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر ڪجهه چئنلز کي ا??تهار نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي جاچ ڪميٽي ان ڳالهه کي به ڏسي رهي آ??ي ته مريم صفدر ڪهڙي حيثيت ۾ اهي هدايتون ڏنيون، مملڪتي وزير چيو ته ان ڳالهه جو به جائزو ورتو پيو وڃي ته ن ليگ ??ي دور ۾ اشتهار ڏيڻ جو ميڪنزم ڪهڙو هو، فرخ حبيب چيو ته اشتهارن جي روڪڻ سان آزادي صحافت جي متاثر ٿيڻ جي رخن کي به ڏسي رهيا آهيون، ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد چيو ته ڪنهن کي ته تمام گهڻا اشتهار ملي رهيا آهن ۽ ڪنهن کي نه هجڻ جي برابر آهن، ڪميٽي جي چيئرمين ن ليگ ??ور ۾ ميڊيا چئنلز کي ڏنل اشتهارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.