اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ان عزم کي و??جايو آهي ته اسان سرديءَ جي موسم اچڻ کان اڳ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي سميت هر ممڪن قدم کڻڻ جي لاءِ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهيون، موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن موجب ۽ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي مقصدن جي ڏس ۾ ڀارت پاران ڪڻڪ جي فراهمي با??ت چرپر جي لاءِ افغان ڀائرن جي درخواست تي همدرداڻو غور ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي وقتي پرڏيهي و??ير امير خان متقي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي افغان وفد ۾ وقتي ناڻي و??رو وزير، صنعت ۽ واپار ۽ ٻيا اعليٰ عملدار سامل هئا. وزيراعظم افغانستان جي حمايت ۽ انهن جي ملڪ کي درپيش چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان عوام جي مدد لاءِ پاڪستان جي عزم کي و??جايو. وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ پرامن، مستحڪم، خودمختيار، خوشحال ۽ ٺوس افغانستان جي اه??يت تي زور ڏنو. هن چيو ته سيڪيورٽي ۽ د??شتگردي جي خاتمي بابت قدمن، سمورن افغانين جي حقن جي تحفظ، نظم ۽ ضبط ۽ سياست ۾ سمورين ڌرين جي سموليت سان افغانستان ۾ استحڪام کي هٿي ملندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عبوري افغان ح??ومت عالمي برادري سان تعميري ڳالهيون جاري رکندي ۽ درپيس مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مثبت قدم کڻندي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ فوري طور تي انساني بنياد تي ريليف جي فراهمي جي لاءِ مسلسل زور ڏئي رهيو آهي. ويراعظم معاشي تباهي کان بچڻ جي لاءِ افعانستان جا منجمند ڪيل اثاثا جاري ڪرڻ ۽ بئنڪنگ ٽرانزيڪشن ۾ سهولت جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي ان عزم کي و??جايو ته اسان سرديءَ جي موسم اچڻ کان اڳ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي سميت هر مڪن قدم کڻڻ جي لاءِ افغان عوام سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته امداد ۾ اڳ ۾ ئي اضافو ڪيو ويو آهي، پاڪستان افغانستان کي ڪڻڪ، چانور، هنگامي طبي امداد ۽ شيلٽرز سان لاڳاپيل سامان سميت ضرورت جون شيون فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان طئي ٿيل قاعدن ۽ ضابطن موجب ۽ انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي مقصدن جي ڏس ۾ ڀارت پاران ڪڻڪ جي فراهمي با??ت چرپر جي لاءِ افغان ڀائرن جي درخواست تي همدرداڻو غور ڪندو. وزيراعظم عمران خان ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي اچ وڃ ۾ سهولت جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ فروغ جي لاءِ ٽرانزٽ ۽ علائقائي رابطن جي اه??يت تي پڻ زور ڏنو.