اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر جو دڪان اڳ ۾ به نه هليو، هاڻي به نه هلندو، مخالف ڌر جي ڪا سياسي سوچ نه آ??ي، صبح کان رات تائين عمران خان کي برو ڀلو چوڻ سان اهي اقتدار ۾ نه ٿا اچي سگهن، مخالف ڌر اليڪٽورل ريفارمز ۽ نيب قانونن سميت وڏن سڌارن تي اسان سان گڏ وي??ي، اسان ڳالهي?? لاءِ ت??ار آهيون، جيڪڏهن انهن جو مقصد پنهنجا ڪيسز ختم ڪرائڻ آهي ته ان تي ڳالهه نه ٿي ٿي سگ??ي، مولانا فضل الرحمان کي مشورو آهي ته هو هاڻي ماڻهن جي جلسن جي لاءِ ريٽ جو ڪم ڪري، کيس جيترو استعمال ٿيڻو هو ٿي چڪو آ??ي، هاڻي ان جي اهميت ناهي ر??ي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، معاملا حل ٿي چڪا آهن، مخالف ڌر جو ڪم ئي نقطه چيني ڪرڻ آ??ي، هن وقت گيهه، ڪڻڪ ۽ بجلي تي سبسڊي ڏني پئي وڃي، سڄو ملڪ سبسڊي تي نه هلائي سگهجي، هن سال اسان کي 12 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيلي گرافي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته خطاطي جو فن بنيادي طور تي اسلام ۽ مسلمانن سان ڳنڍيل آ??ي، قرآن پاڪ کي خطاطن لکيو، مسلمان تاريخ ۾ خوبصورت ڪيلي گرافي موجود آهي جنهن جو ڪٿي مثال نه ٿو ملي. هن چي?? ته حڪومت هن عشره کي رحمت للعالمين ﷺ جي نالي سان منسوب ڪري چڪي آ??ي، وزيراعظم سڀاڻي هڪ وڏي ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪندو. هن چي?? ته لاهور ۽ ڪراچي ۾ پڻ اهڙي قسم جون نمائشون منعقد ڪيون وينديون. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن، سڀ معاملا حل ٿي چڪا آهن، مخالف ڌر جو ڪم ئي نقطه چيني ڪرڻ آهي. چوڌري فواد حسين چي?? ته اڄ اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن، ڪمند جي بمپر فصل جي اميد آهي جنهن سان کنڊ جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. هن چي?? ته سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ ريليز نه ڪرڻ جي ڪري سنڌ ۾ اٽو مهانگو ٿيو، هاڻي سنڌ حڪومت به ڪڻڪ ريليز ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ سنڌ ۾ به اٽي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پوري دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آ??ي، اسان ڪنهن الڳ دنيا ۾ نه ٿا رهون، عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌنديون ته هتي به تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو، جيڪڏهن اتي تيل جون قيمتون گهٽ ٿينديون ته هتي به قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي. هن چي?? ته ڪجهه سياسي شعبده باز ڳالهيون ته ڪن ٿا پر مسئلي جو حل سامهون نه ٿا آڻين. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته حڪومت ربيع الاول جي مهيني جي مناسبت سان سيرت النبي تي اسيمبلي ۾ ڳالهه ڪرائڻ چاهي ته مخالف ڌر ان سيشن جو ئي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. هن يچ?? ته هي جمهوريت پسند ماڻهو نه آهن، رڳو ڊيل جي ڳولا ۾ آهن ۽ هاڻي احتجاج جو بهانو ڳولين پيا. هن چي?? ته مخالف ڌر کي جڏهن خبر پوي ته فوج ۽ حڪومت ۾ اختلاف ٿي ويو آهي ته هي سي وي کڻي بيهي رهن ٿا ۽ جڏهن خبر پوي ٿي ته ڊيل ناهي ٿي ته پوءِ هي فوج جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. هن چي?? ته انهن جي ڪا سياسي سوچ نه آ??ي، صبح کان وٺي رات تائين عمران خان کي برو ڀلو چوڻ سان هي اقتدار آ۾ نه ٿا اچي سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته مخالف ڌر پنهنجي پاليسين تي ٻيهر غور ڪري، اليڪٽورل ريفارمز، نيب قانونن سميت وڏن سڌارن تي اچي، اسان سان ڳالهيون ڪري، اسان ڳالهي?? لاءِ ت??ار آهيون پر جيڪڏهن انهن جو مقصد پنهنجا ڪيسز ختم ڪرائڻ آهي ته ان تي ڳالهه نه ٿي ٿي سگهي. هن چي?? ته مخالف ڌر جي دڪان اڳ ۾ به نه هلي هاڻي به نه هلندي، فيصل آباد جلسي ۾ جي يو آءِ مدرسي جي شاگردن کي وٺي آئي، انهن (ن) ليگ جا جهنڊا پڪڙيا جنهن تي انهن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو. هن چي?? ته مولانا فضل الرحمان کي مشورو آهي ته هو هاڻي ماڻهن کي جلسن جي لاءِ ريٽ جو ڪم ڪري، کيس جيترو استعمال ٿيڻو هو ٿي چڪو آ??ي، هاڻي ان جي اهميت ناهي رهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته هن وقت گيهه، ڪڻڪ ۽ بجلي تي سبسڊي ڏني پئي وڃي، سڄو ملڪ سبسڊي تي نه ٿو هلائي سگهجي. سبسڊي عوام جي ٽيڪس جي پئسن سان ڏني وڃي ٿي، ملڪ کي هلائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي هوندي آهي. هن چي?? ته هن سال اسان کي 12 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اسان کي گڏجي مهانگائي جو مقابلو ڪرڻو آ??ي، پرائيويٽ ڪمپنيون ۽ ميڊيا مالڪ به پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪن.