اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) شوڪت ترين کي وزيراعظم جو ناڻي ?? روينيو بابت صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران نو??يفڪيش?? جاري ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم عمران خان جي تجويز تي آئين جي آرٽيڪل 93 جي ڪلاز ون جي تحت پنهنجي اختيارن کي استعمال ڪندي شوڪت ترين جي ناڻي واري صلاحڪار طور مقرري جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران باقاعده نو??يفڪيش?? جاري ڪيو ويو. نو??يفڪيشن موجب ناڻي ?? روينيو واري صلاحڪار جو عهدو وفاقي وزير جي برابر هوندو.