اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (??ي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ اثاثا مئنيج??ين?? اٿارٽي قائم ڪرڻ سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان قيمتي قومي اثاثن جي پيداواري استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. هن پاڪستان جي قيمتي تاريخي ۽ ثقافتي اثاثن مان ڀرپور فائدو کڻندي ملڪ ۾ سياحت جي شعبي جي ??رق?? تي ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم بورڊ آف انويسٽ??ين?? (بي او آءِ) کي موثر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چ??و ته ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ??رق?? جي لاءِ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير پاران وزيراعظم کي ملڪ جي موجوده معاشڊي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ملڪ ۾ عام ماڻهن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.