اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يوني??رس??ين ۾ آن لائين تعليم جو تناسب ??ڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو طريقيڪار گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ شاگردن کي اعليٰ تعليم تائين آسان پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، تعليمي ادارا پنهنجي ويزن تي نظرثاني ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فڪري برتري حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏين. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ رفاهه انٽرنيسنل يوني??رس??ي اسلام آباد بابت هڪ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ رفاهه انٽرنيشنل يوني??رس??ي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيس احمد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آر آئي يو اسد الله خان، رجسٽرار برگيڊيئر (ر) انجنيئ?? سليم احمد خان، في??رل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ واري وزارت ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. رفاهه انٽرنيسنل يوني??رس??ي جي وائيس چانسلر صدر کي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي حوالي سان پنهنجي يوني??رس??ين جي ڪاميابين ۽ ڪردار کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته يوني??رس??ين کي چوٿين صنعتي انقلاب ۽ تحقيق ۽ ترقي جي سرگرمين جي گهرجن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي ڪاميابين کانسواءِ يوني??رس??ين کي اخلاقي علم ۽ شاگردن جي ڪردارسازي تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر مختلف معذور شاگردن کي ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي ايڇ اي سي جي پاليسي کي پڻ ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان سان انهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ملندي. هن تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ رابطن ۽ عالمي يوني??رس??ين سان تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جيڪو معياري تعليم جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر تعليم جي فروغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ جي حوالي سان يوني??رس??ي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.