اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال لاءِ تقريبن 8 ٽريلين روپين جي نئين سالياني ??جي?? اڄ پيش ڪري رهي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اها ٽئين سالياني ??جي?? آهي جيڪا اهڙي موقعي تي پيش ڪئي پئي وڃي جڏهن دنيا ڪورونا جي ٽئين لهر کي منه?? ڏئي رهي آهي، ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان سميت سڄي دنيا جو معيشتون متاثر ٿيون آهن، ناڻي ۽ روينيو وارو وفاقي وزير شوڪت ترين قومي اسيمبلي ?? ??جي?? پيش ڪندو. سرڪاري ذريعن موجب اقتصادي مشڪلاتن ۽ چئلينجن جي باوجود تحريڪ انصاف جي حڪومت اوڳاڙين لاءِ پرجوش هدف ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ فنذن ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو آه??، نئين وفاقي بجيت ۾ ڪورونا جي ڪري عوام ۽ ڪاروبار تي پوندڙ اثرن، عوامي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي، زرعي شعبي ۾ ترقي ۽ ان کي جديد بڻائڻ، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ بهتر ماحول جي فراهمي ۽ دستاويزي معيشت جي هدفن کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي، مالياتي انتظام ۽ انصرام سان گڏوگڏ روينيو ۾ اضافي، معاشي استحڪام ۽ واڌ ويجهه، غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي، روانگي واپار ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ?? عوام دوست پاليسون ??جي?? جي نمايان خصوصيتن ۾ شامل هونديون، نئين وفاقي ??جي?? ۾ سماجي شعبي جي ترقي تي خاص طور تي ڌيان ڏنو ويندو، ??جي?? ۾ اسلوب حڪمراني ۾ بهتري لاءِ سڌارن ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ سهولتن ۽ قدمن جو اعلان متوقع آهي. حڪومت نئين ??جي?? ۾ نوان ٽيڪس لاڳو نه ڪرڻ جو پهرين کان فيصلو ڪيو آهي تنهن هوندي به روينيو ۾ اضافو، ٽيڪس جي بنياد ۾ سگهه ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا ويندا ڇو ته روينيو ۾ بهتر اضافي سان اقتصادي واڌ ويجهه جا هدف حاصل ٿي سگهندا. ذريعن موجب حڪومت نئين مالي سال جي وفاقي ??جي?? ۾ 5800 ارب روپين جي اوڳاڙين جو هدف مقرر ڪري رهي آه??، نئين وفاقي ??جي?? جي ڏس ۾ هلندڙ مالي سال 21 -2020ع جي اقتصادي جائزه رپورٽ ڪالهه خميس ڏينهن جاري ڪئي وئي.