اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پارٽين مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي قيادت هيٺ فلسطين جي حق ۾ 17 مئي تي ايوان مان منظور ٿيل قرارداد جي ڪاپي گڏيل قومن جي آفيس ۾ جمع ڪرائ??، ان موقعي تي جي يو آءِ (ف) جو پارلياماني اڳواڻ مولانا اسد الرحمان، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت سڄي مخالف ڌر پارٽين جا ڪيترائي ميمبر اسيمبلي ۾ موجود هئا، ميان شهباز شريف قرارداد جي ن??ل گڏيل قومن جي ن??ائندي جي حوالي ڪئي ۽ چيو ته اها قرارداد سڄي پاڪستاني ق??م جي جذبن جي ترجماني آهي، گڏيل قومن جي ن??ائندي يقين ڏياريو ته سندن جذبا ۽ قرارداد جي مسودي کي گڏيل قومن جي مرڪزي آفيس تائين پهچايو ويندو ان موقعي تي مي??يا سان ڳالهائيندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته فلسطين تي ??سر??ئيل پاران ظلم ڪيو ويو ۽ بمباري ڪئي وئي جنهن ۾ فلسطينن جو وڏو تعداد شهيد ٿيو، هن چيو ته مسجد اقصيٰ ۾ بربريت ڪئي وئي، تاريخ اهڙا غمگين منظر پهرين ڪڏهن نه ڏٺا، پارليامينٽ متفقه قرارداد منظور ڪري عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي.