اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز ڪيس اٽڪل 124 ملين رپين جي فراڊ جي ڪهاڻي آهي جيڪو پاناما پيپرز ڪيس جي ڪاٿي کان وڏو آهي ۽ ان جي شروعات 2000ع ۾ ان وقت ٿي جڏهن ني?? عملدارن حديبيه پيپرز جي خلاف هڪ ريفرنس داخل ڪيو، نواز شريف جا ٻئي پٽ حسن ۽ حسين نواز، شهباز شريف ۽ سندس سياسي وارث حمزه شهباز به ان ڪيس جا مرڪزي ڪردار آهن، ان ڪيس ۾ ڪجهه نيون حقيقتون سامهون آيون آهن جنهن تي نئين جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انصاف جي گهرج آهي ته سمورا ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪن، پاڪستان جو مستقبل قانون جي حڪمراني سان واڳيل آ??ي. حديبيه پيپر ملز جي خلاف ڪيس جا تفصيل جاري ڪندي بيان ۾ اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اسحاق ڊار ان فراڊ ۾ شريف خاندان جي معاونت جي لاءِ فارن ڪرنسي جا جعلي بي نامي اڪائونٽس کولرايا. پڪڙجڻ تي اسحاق ڊار واعده معا?? گواهه بڻجي ويو ۽ هن لاڳاپيل عملدارن کي پنهنجو تفصيلي بيان به رڪارڊ ڪرايو پر بعد ۾ اهو چ??ي ??ه کانئس اهو بيان زبردستي ورتو ويو، پنهنجي بيان تان ڦري ويو.