اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي صدر مسعود خان چيو آهي ته ڀارت ??رف??ن ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي خاتمي جي قدم جو بنيادي مقصد هتي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ آهي، 32 هزار غير رياستي ڀارتين کي ??وميسائيل ڏنا ويا آهن، ڪشمير جي ڊوميسائيل جي قانون ۾ ترميم ڪري هاڻي ڀارتي فورسز کي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته هو ڪشمير جي ڪنهن به علائقي کي اسٽريٽجڪ اه??يت ڏي، ڀارتي قدمن جو مقصد پاڪستان کي نقصان پهچائڻ آهي، هو اطلاعات ۽ نشريات جي اهتمام هيٺ منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.