اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڀارتي حڪومت جا ڪڌا ڪرتوت دنيا آڏ?? بي نقاب ٿي ره??ا آهن، ڀارتي فوج والاريل ڪشمير کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري پنهنجي آزادي جو سج اڀرندي ڏسندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ۽ نظريه پاڪستان ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ايوان قائد ايف نائ?? پارڪ ۾ ڪشميرين ??ان يڪجهتي جي اظهار جي مناسبت ??ان تصويري نمائش جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو.