سيالڪوٽ – 22 نومبر (اي پي پي) ??زي??اعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعوا?? چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي درخواستن سان گڏ تحريڪ انصاف جي درخواستن کي به گڏائي ٻڌي، لنڊن جون تصويرون ٻڌائي رهيون آهن ته ميان صاحب کي ڪهڙي تڪليف آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ت?? نواز شريف پنهنجي علاج کانپوءِ پاڪستان ۾ اچي، رهبر ڪميٽي رهزن ڪميٽي بڻجي چڪ?? آهي، انهن کي خبر آهي ته عمران خان ملڪي معيشت کي کڻي ترقي جي راهه تي گامزن آهي. جي سي يونيورسٽي سيالڪوٽ ۾ منعقد پروگرام بزم اقبال آگاهي پروگرام جي تقريب کي خطاب کانپوءِ صحافين سان ڳ??لهائيندي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعوا?? چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف واحد اهڙي پارٽ?? آهي جنهن جي اندر به جمهوريت آهي.