اسلام آباد – 19 ن??مبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو آهي ته محمد نواز شريف جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ جي عبوري فيصلي جي خلاف اپيل د??خل نه ڪئي ويندي جڏهن ته ميرٽ جي بنياد تي ڪيس جي فيصلي تي حڪومت اپيل ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم س??ن گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم معاشي انگن اک??ن ۾ بهتري تي حڪومتي معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ مب??رڪ??اد ڏني.