اسلام آباد – 25 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اس??اعيل خان ۾ 8 ترقياتي منصوبن جو افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڊيره اس??اعيل خان پهتو جتي ه?? مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو. ان موقعي تي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم واري مملڪتي وزير م??دق کانسواءِ علائقي جي معززين ۽ اڳواڻن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم جن 8 وڏن ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو ۽ پيڙهه جو پٿر رکيو، انهن ۾ يارڪ کان پهاڙپور روڊ، بنون چوڪ کان موٽروي روڊ، ڊيره اس??اعيل خان باءِ پاس، يارڪ کان ٽانڪ سميت مختل?? رابطا روڊن، 2020 ڪي وي سب اس??يشن ۽ تيل ۽ گئس جي فراهمي جا منصوبا شامل آهن.