پشاور – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور پهتو جتي هن ملڪ سعد شهيد پوليس لائي??ز جي مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. ايل آر ??يڇ پهچڻ تي نگران وڏي وزير اعظم خان، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام، آءِ جي پوليس معظم جاه انصاري وزيراعظم جو استقبال ڪيو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، ??طلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ صوبائي حڪومت جا ٻيا عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ موجود هئا. وزيراعظم ايل آر ??يڇ جي مختلف وارڊز جو دورو ڪيو ?? زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.