اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جلد ??نٽر اولمپڪس ۾ مقابلي جي سگهه ۽ قابليت حاصل ڪري وٺندو. وزيراعظم ??وئيٽر تي سوات جي علائقي گيبن جبه ۾ اسڪيئنگ جي حوالي سان دريافت ٿيندڙ علائقي جي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻار اسڪيئنگ سکي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ان جي ڪري انشاءَ الله پاڪستان جلد ??نٽر اولمپڪس ۾ مقابلن جي سگهه ۽ قابليت حاصل ڪري وٺندو.