فيصل آباد – 03 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته ??حساس ڪفالت پروگرام جي لاءِ 250 ارب روپيا رکيا ويا آه?? ۽ 70 لک مستحق خاندانن ۾ 12 هزار روپيا ورهايا پيا وڃن، هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس ڪفالت رجسٽريشن سينٽر اسپورٽس ڪامپليڪس ڊ??ڪوٽ روڊ فيصل آباد جي دوري جي موقعي تي ڪيو جتي ڊويزنل ڊائريڪٽر احساس ڪفالت رجسٽريشن سينٽر ڊاڪٽر فياض احمد کيس بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير سينٽر تي لاڳاپيل ماڻهن لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ??حساس ڪفالت پروگرام ۾ هزارين جي تعداد ۾ ماڻهن جي رجسٽريشن ٿي رهي آه??، تنهن ڪري جيڪي ماڻهو هن وقت تائين رجسٽريشن ناهن ڪرائي سگهيا اهي پنهنجي ويجهي نادرا سينٽر تي رجسٽريشن ڪرائين. هن چيو ته ڄاڻايل پروگرام لاءِ 250 ارب روپيا رکيا ويا آه?? ۽ 70 لک مستحق خاندانن ۾ 12 هزار روپيا ورهايا پيا وڃن. هن چيو ته ??هري 8171 تي پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر موڪلي احساس راشن پروگرام تحت رجسٽريشن ڪرائين ڇاڪاڻ جو جيڪي ماڻهو احساس ڪفالت لاءِ اهل آه?? اهي ئي احساس راشن پروگرام جا به اهل هوندا جنهن جي ذريعي ماڻهن کي 30 سيڪڙو گهٽ اگهن تي اٽو، گيهه، داليون وغيره احساس راشن پروگرام لاءِ چونڊيل ڪريانه اسٽورن تي دستياب هونديون، فرخ حبيب چيو ته ??حساس راش پروگرام جي مد ۾ 112 ارب روپيا فراهم ڪيا پيا وڃن ۽ هڪ سال ۾ 250 ارب روپيا احساس رجسٽريشن سينٽر جي مد ۾ امداد حڪومت فراهم ڪري چڪي آه??. هن چيو ته ??حساس گريجوئيٽ لاءِ اسڪالرشپ لاءِ حڪومت 50 ارب روپيا ڏئي چڪي آه??، جنهن سان گڏوگڏ نوجوانن جي لاءِ آسان قسطن تي قرضن جي فراهمي جاري آه?? ته ??يئن جن ماڻهن وٽ لاڀائتا خيال آه?? هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن، هن چيو ته ??حساس پروگرام تحت 34 پروگرام هلي رهيا آه?? اهڙي طرح پنجاب ۾ صحت ڪارڊ لانچ ٿي چڪو آه??، جنهن لاءِ 400 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آه?? ۽ ڄاڻايل پروگرام تحت هر سال 10 لک روپين تائين پنهنجي پسند جي ڊاڪٽر کان پنهنجي پسند جي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهندا. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري سڄي دنيا ۾ مهانگائي ٿي جنهن سان پاڪستان به متاثر ٿيو پر موجوده حڪومت عام ماڻهو جو احساس ڪندي سوشل پروٽيڪشن جا پروگرام شروع ڪيا آه?? ته ??يئن گهٽ امدن?? وارن ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ملي سگهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مديني جي رياست طرف گامزن ۽ عام ماڻهو جي لاءِ احساس رکي ٿو تنهن ڪري غريب ماڻهو کي رليف ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.