لاهور – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري مح??د سرور گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي برطانيا جي دوري تي تفصيلي ??ريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان برطانيا جي ڪامياب دوري تي پنجاب جي گورنر چوڌري مح??د سرور کي سار??هي??. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته عوام جي ڀلائي ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو برطانوي پارليام??نٽ جي اسپيڪر، وزيرن، پارليام??نٽ ميمبرن ۽ لارڊز سميت هڪ سئو کان وڌيڪ شخصيتن سان مليو ۽ سڀني افغان امن عمل ۾ پاڪستاني ڪردار کي ڀرپور سار??هي?? آهي. گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته 20 کان وڌيڪ برطانوي پارليام??نٽ ميمبر جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته برطانوي پارليام??نٽ ميمبرن پاڪستان جي بلين ٽري منصوبي ۽ ڪورونا وبا دوران پاڪستاني قدمن کي پڻ سار??هي??.