ڪراچي -13 مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته اسان جي ملڪ جي اڌ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، پ??ڪس??ان جي ترقي ۽ هڪ مثالي رياست جي قيام لاءِ عورتن کي سندن جائز حق ڏيڻا پوندا، عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کا??سواءِ هڪ اسلامي ۽ مثالي رياست جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿو ٿي سگهي، معاشري کي عورتن لاءِ محفوظ بنائڻو آهي، اسان جي ملڪ جي ڪجهه علائقن ۾ عورتن کي وراثت جي حقن کا?? محروم رکيو پيو وڃي جيڪا سراسر نا انصافي آهي ?? اسلام جي روح جي برخلاف آهي، اسٽيٽ بئنڪ آف پ??ڪس??ان عورتن کي معاشي طور تي خودمختيار بنائڻ لاءِ گهڻيون سٺيون پاليسيون متعارف ڪرايون آهن، عورتن کي انهن سهولتن کا?? آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. انهن خيالن جو اظهار هن مقام?? هوٽل ۾ آل پ??ڪس??ان ويمنز ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ ”پ??ڪس??ان ۾ صنفي برابري جي صورتحال“ جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خاص مهمان جي حيثيت ۾ خطاب ڪندي ڪيو. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته پ??ڪس??اني عورتن هميشه مردن سان گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ آل پ??ڪس??ان ويمنز ايسوسيئيشن جو قيام به تحريڪ پ??ڪس??ان جي سرگرم عورت اڳواڻ بيگم رعنا لياق علي خان عمل ۾ آندي. ابتدائي طور تي ان مقصد جو ورهاڱي بعد مهاجرن ??ي ٻحران کي منهن ڏيڻ هو. اپوا جي تاريخ مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته پ??ڪس??اني عورتون ڪنهن کا?? گهٽ نه آهن ۽ جڏهن به پ??ڪس??ان کي ضرورت پئي آهي اسان جي عورتن پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. اپوا عورتن جي حقن ۽ قانونن جي بهتري لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۾ عورتن جي وڏي تعداد کي وراثت ۾ حصو نه ملندو آهي. هن چيو ته اهو افسوس جو مقام آهي ته اسلام ۾ عورتن جي وراثت جي حوالي سان تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي، عورتن کي وراثت ملڻ گهرجي پر اسان جي ملڪ جي ملڪ جي ڪن علائقن ۾ عورتن کي وراثت جي حقن کا?? محروم رکيو پيو وڃي جيڪا سراسر ناانصافي آهي ?? اسلام جي روح جي برخلاف آهي. خاتون اول چيو ته معاشري کي عورتن لاءِ محفوظ بنائڻ گهڻو ضروري آهي. گهر ۽ گهر کا?? ٻاهر عورتن تي تشدد نه ٿيڻ گهرجي ، اسان کي محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ تي ڪم ڪرڻو آهي، حڪومت ان تي ڪم ڪري رهي آهي. اسين عورت دوست معاشري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. عورتن جي ڀلائي ۾ ڪٽنب جي ڀلائي آهي ۽ ڪٽنب جي ڀلائي ۾ معاشري جي اصلاح آهي. هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ بريسٽ ڪينسر جي عدم آگاهي سبب فوتگين جي شرح تمام گهڻي آهي. آگاهي لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪيو آهي پر ان تي اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.