اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان گذريل ڏينهن دهشتگردي جي ٻن بزدلاڻن واقعن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??زي??اعظم چيو ته منهنجون دعائون ۽ سموريون همدرديون گذريل ڏينهن دهشتگردي جي بزدلاڻي ڪاررواين ۾ شهادت ماڻيندڙ 6 فوجي جوانن سميت 20 اهلڪارن ۽ انهن جي وارثن سان آهن، پوري قوم پنهنجي فوج جي پٺيان بيٺل آهي جيڪا پاڪست??ن جي دفاع ۽ ??ن جي سلامتي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري رهي آهي.