اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري جي لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏيارينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ پاڪستان ??اڪي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان اصلاح ال??ين صديقي سان ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ اصلاح ال??ين صديقي نگران ??زيراعظم کي پنهنجي سوانح عمري ”ڊيش ٿرو مائي لائيف“ پيش ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ هاڪي جي موجوده صورتحال، ان جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اصلاح ال??ين صديقي گذريل رات هاڪي چيمپيئن شپ پڄاڻي واري مئچ ۾ نگران ??زيراعظم جي شرڪت تي سندس ٿورا مڃيا. اصلاح ال??ين صديقي رانديگرن جي حوصلا افزائي تي نگران ??زيراعظم کي ساراهيو. نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستاني هاڪي ٽيم ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين هاڪي جي ميدانن ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو آهي. قومي راند هاڪي جي پاڪستان ۾ موجوده صورتحال ??ڻتي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ هاڪي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ان جو وڃايل مقام ڏياري رهنداسين. هن چيو ته اصلاح ال??ين صديقي جهڙا ليجينڊ پاڪستان جا اصل هيرو آهن، حڪومت نوجوانن ۾ هاڪي جي فروغ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. نگران ??زيراعظم هدايت ڪئي ته هاڪي جي رانديگرن کي عالمي مقابلن جي تياري لاءِ هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.