اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نئين مقرر ٿيل چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ??ويد اشرف ملاقات ڪئي ۽ پاڪ بحريه بابت پيشيواراڻي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نئين مقرر ٿيندڙ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ??ويد اشرف ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ايڊمرل ??ويد اشرف کي پاڪ بحريه جي ڪمان سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته ت??ها?? جي سربراهي ۾ پاڪ بحريه ملڪي دفاع ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي رهندي. ملاقات ۾ پاڪ بحريه سان لاڳاپيل پيشيواراڻي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.