نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عب??س جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجل??س جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن موجب نيويارڪ ۾ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن م??تل?? شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات دوران گڏيل عرب امارات جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي م??تل?? منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.