اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مادر ملت محترمه فاطمه جناح عوام، جمهوريت ۽ ملڪ جي لاءِ تاريخي ڪ??دا ادا ڪيو، آمريت جي خلاف ڄمي بيٺي، هن تحريڪ پاڪستان ۽ ملڪ جي لاءِ بي مثال ڪم ڪيو ۽ ق??با??يون ڏنيون، قوم مادر ملت جي احسانن جي مقروض رهندي. مادر ملت محترمه فاطمه جناح کي سندس 130 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي وز??را??ظم چيو ته محترمه فاطمه جناح هڪ عظيم ڀاءُ جي عظيم ڀيڻ هئي، فاطمه جناح قوم جي لاءِ ماءُ جو ??رج?? رکي ٿي، قوم تي سندس تمام گهڻا احسان آهن. هن چيو ته محترمه فاطمه جناح باباءِ قوم جي لاءِ حوصلي ۽ همت جو ذريعو هئي، مادر ملت آمريت جي خلاف ڄمي بيٺي، عوام، جمهوريت ۽ ملڪ جي لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، محترمه فاطمه جناح تحريڪ پاڪستان ۽ ملڪ جي لاءِ بي مثال ڪردار ادا ڪيو ۽ ق??با??يون ڏنيون. هن چيو ته محترمه فاطمه جناح جي شخصيت اڄ جي ٻارڙين ۽ عورتن جي لاءِ مش??ل راهه آهي، قوم مادر ملت جي پاڪستان جي لاءِ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ سدائين ان جي احسانن جي مقروض رهندي.